دين محمد لاشاري

دين محمد لاشاري

دين محمد لاشاري

دين محمد لاشاري: مستري دين محمد لاشاري 1925ع ڌاري شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. سندس وڏا بلوچستان کان جيڪب آباد ۽ پوءِ شهدادڪوٽ ۾ اچي رهيا. سندس والد ۽ چاچو رازڪي ڪم جا استاد هئا. ان ڪري دين محمد به رازڪو ڪم سکي ماهر رازو ٿيو ۽ ’اوستو‘ سڏجڻ لڳو. جڏهن سنڌ ۾ ريل سروس شروع ٿي ۽ ڪاري انجڻ شهدادڪوٽ پهتي ته دل ۾ خيال آيس ته هو به اهڙي انجڻ ٺاهي. پوءِ هن سائيڪلن جا ٽڪر، ڦيٿي واريون تارون ۽ ٻين شين جا ٽڪرا گڏ ڪري سال ۾ 2 فوٽ اوچي ۽ 4 فوٽ ڊگھي ’اسٽيم انجڻ‘ جو ماڊل تيار ڪيو، جنهن ۾ پاڻيءَ جي ٽانڪي ۽ ڪوئلن جو سسٽم رکيائين ۽ ان کي ڦيٿا لڳائي انجڻ هلائي ڏيکاريائين. اها خبر هر هنڌ پکڙجي وئي. اها خبر خانبهادر پير بخش خان کهاوڙ، قاضي فضل الله ۽ پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان کي به پئي. 1950ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ هڪ نمائش ٿي، جنهن جو افتتاح لياقت علي خان ڪيو ۽ ان ۾ قاضي صاحب هن جو تعارف ساڻس ڪرايو، جنهن کيس پنج هزار روپيا روڪ رقم انعام طور ڏني. پوءِ اها ريل جي انجڻ لوڪو شيڊ ڏانهن لاهور والٽن هائوس موڪلي وئي.
ان بعد هو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ درگاهه حاڪم علي پٽ واري جي درگاهه تي نظر ايندو هو. هو پنهنجا اوزار گودڙيءَ ۾ ٻڌي هلندو هو. پنهنجو فونو ٽيپ، ريڊيو يا واچ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ئي ٺاهيندو هو. هن اٽليءَ جي لڙي پيل پسيا مينار کي بغير ڪنهن نقصان جي سڌو ڪري ٺاهڻ جي دعويٰ لکت ۾ پاڪستان جي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي به ڪئي. 1996ع ۾ دي نيوز، انگريزي اخبار جي صحافي سلمان رشديءَ هن کان انٽرويو ڪيو ته هن مينار جي جھڪڻ جو ڪارڻ سم ۽ ڪلر ڄاڻايو. سلمان رشديءَ بعد ۾ ٻڌايو ته ان ئي ٿيوريءَ هيٺ مينار جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. 2000ع ۾ بزم بيدل قمبر شهدادڪوٽ جي صدر سرفراز علي ساڻس شام ملهائڻ جو اعلان به ڪيو. هي باصلاحيت ۽ محنتي ماڻهو 2005ع ڌاري فوت ٿي ويو.


لفظ دين محمد لاشاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو